ڊفينس ۾ ڪار جو پول سان ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 8 ۾ تيز رفتار ڪار پول سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، ڪار مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي.پوليس موجب ڊفينس فيز 8 ۾ ڪار روڊ جي وچ ۾ بيٺل پول سان ٽڪرائجي وئي، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.ڪار جي رفتار ايتري ته تيز هئي جو ڪار پول سان ٽڪرائجڻ بعد مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ مير حمن زهري طور ٿي. جڏهن ته ٻئي زخمي جي سڃاڻپ شير محمد جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو مارجي ويل مير حمن زهري جو ڊرائيور هو. پوليس واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن ۽ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو