راجپوت بدلي، ڊاڪٽر فخرِ عالم عرفان چيف سيڪريٽري سنڌ مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊاڪٽر فخرِ عالم عرفان سنڌ جو نئون چيف سيڪريٽري مقرر. سھيل راجپوت بدلي ڪيو ويو،ڊاڪٽر فخرِ عالم صحت واري وفاقي وزير قادر پٽيل سان گڏ وفاقي سيڪريٽري صحت جي عھدي تي بھ فائز ھو. سندس گذريل پوسٽنگ وفاقي سيڪريٽري ھائوسنگ ۽ ورڪس ھئي. PAS گروپ سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر فخرِ عالم خان کي ھلندڙ سال مئي مھيني ۾ 21 کان 22 گريڊ ۾ ترقي ڏني ويئي ھئي. ڊاڪٽر محمد فخر عالم عرفان جو تعلق خيبرپختونخواھ سان آھي.20 ھين ڪامن سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر فخر عالم عرفان برمنگھم يونيورسٽي مان MBA جي ڊگري حاصل ڪئي آھي. ڪي پي صوبي جي گورنر جي پرنسپل سيڪريٽري طور 2013 کان 9 سالن تائين خدمتون انجام ڏيئي چڪو آھي. ان کان اڳ ھو صوبي جو سيڪريٽري صحت ۽ ڪمشنر جي عھدن تي بہ رھي چڪو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو