راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد ايندڙ چيف جسٽس جي مقرري جو اعلان ڪيو وڃي.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته هو سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.پي ٽي آءِ باني چيو ته آئيني عدالت جو مقصد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو اختيار ختم ڪرڻ آهي، حڪومت پوري عدليه کي تباهه ڪرڻ تي بيٺي آهي عمران خان وڌيڪ چيو ته هو چاهين ٿا ته پنهنجا ئي جج چونڊ ڌانڌلي تي پردو ڪن، هو چاهي ٿو ته پي ٽي آءِ ڪنهن به صورت ۾ سامهون نه اچي.هن چيو ته اسان کي ڪو به اجلاس نه ڪرڻ ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن راولپنڊي ۾ اجلاس نه ٿيڻ ڏنو ويو ته احتجاج ڪنداسين.










