چوڌري نثار پاران آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار عام چونڊن ۾ آزاد حيثيت ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب چوڌري نثار لاءِ سندس سفارشي ملڪ سعيد نواز قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 54 تان نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري ورتا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي گهرو وزير جا ڪاغذ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر ٽيڪسلا آفتاب احمد وٽان مليا آهن.ذريعن موجب چوڌري نثار اين اي 53 ۽ اين اي 54 تان آزاد حيثيت ۾ قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهندو.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اڳوڻو گهرو وزير سڀاڻي پنهنجي چونڊ مهم جي شروعات اين اي 53 ۾ ريلي سان ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو