چوهڙ جمالي ۾ ڏيرن هٿان ڀاڄائي قتل، 1جوابدار گرفتار

چوهڙ جمالي ۾ ڏيرن هٿان ڀاڄائي قتل، 1جوابدار گرفتار

چوهڙ جمالي (ن س) چوهڙ جمالي ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمڙو جهولائي ۾ ڏيرن هٿان ڀاڄائي مبينا طور قتل پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.چوهڙ جمالي ٿاڻي جي حد درگاھ پير ابن شاھ ڀرسان ڳوٺ جمڙو جهولائي ۾ 30 ورهين جي عورت زينب جهولائي ڏيرن جي مبينا تشدد سبب قتل ٿي ويئي اهڙو اطلاع ملڻ تي چوهڙ جمالي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار ايوب جهولائي کي گرفتار ڪري مقتولا عورت جو لاش رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي تي آندو جتي مقتولا عورت جي ڀاءۡ گل حسن جهولائي چيو ته اسان جي ڀيڻ زينب کي ايوب جهولائي ڌڪ هڻي قتل ڪيو آھي اسين غريب آھيون جوابدار خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.مقتولا عورت جي ڀيڻ ڀاڳل جو چوڻ هو ته ايوب منهنجي ڀيڻ کي ڌڪ هڻي ماري گهر جي سامهون ڦٽو ڪري ڇڏيو هو ٻئي طرف مقتولا عورت جي مڙس جمڙو جهولائي جو چوڻ هو ته منهنجي گهر واري تيز بخار سبب فوت ٿي وئي آھي کيس ڪنهن به قتل نه ڪيو آھي.پوليس موجب هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي جانچ هلي پئي پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوء وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو