باهه لڳڻ سبب 3 ٻارڙن سميت 5 گهرڀاتي زخمي

چوھڙجمالي: (ن س) چوهڙ جملاي لڳ گهر کي باهه لڳڻ سبب 3 ٻارڙن سميت 5 گهرڀاتي زخمي ٿي پيا آهن، زخمين کي اسپتال منقتل ڪيو ويو، جن مان ٽن ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.چوھڙجمالي لڳ شاهبندر جي علائقي ڇڇ جهان خان هجي ڳوٺ ليمون ملاهه ۾ اڄ صبح جو چلھ جي چڻنگ مان اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، باهه سڄي گهر کي وڪوڙي ويئي جنهن سبب 3 ٻارڙن سميت 5 گهرڀاتي سڙي سخت زخمي ٿي پيا آهن.باهه لڳڻ سبب پورھيت محمد ملاح جا 3 معصوم ٻارڙا ڪبريٰ، حاجياڻي ۽ احمد علي ملاح سميت 2 گھر واريون بچائي ۽ عزيزہ ملاح سڙي سخت زخمي ٿي پيون، سمورن زخمين کي سول اسپتال مڪلي پھچايو ويو، جتي کين فرسٽ ايڊ ڏيئي 5 ئي سڙي زخمين ٿيلن کي ڪراچي موڪليو ويو، زخمين مان 3 معصوم ٻارڙن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.ان حوالي سان زخمين جي وارثن جو چوڻ هو ته اڄ صبح سوير ٻارن جي لاءِ چانھ ٺاهڻ لاءِ ٽانڊو ٻاري رهيا هئاسين ته اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ پورھيت محمد ملاح جا 3 معصوم ٻارڙا ۽ 2 گھر واريون سڙي زخمي ٿي پيون اھن، جن کي وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي اسپتال منقتل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو