چونڊ تاريخ تبديل ڪرڻ کانسواءِ شيڊول ۾ ترميم ڪريو: ن ليگ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مسلم ليگ ن اليڪشن ڪميشن کان 8 فيبروري جي پولنگ جي تاريخ تبديل ڪرڻ کانسواءِ چونڊ شيڊول ۾ ترميم جو مطالبو ڪري ڇڏيو.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ اسحاق ڊار اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکي ڇڏيو.اسحاق ڊار جي پيغام ذريعي مسلم ليگ ن اليڪشن ڪميشن کان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ 2 ڏينهن جي مهلت گهري ورتي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پولنگ جي تاريخ ۾ تبديلي کانسواءِ اليڪشن ڪميشن شيڊول ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي.اسحاق ڊار جي پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ رڳو 3 ڏينهن ڏنا ويا آهن، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ 7 ڏينهن ڏنا ويا آهن.خط ۾ اليڪشن ڪميشن کي چيو ويو آهي ته نامزدگي ڪاغذن سان گڏ مختلف دستاويز به جمع ڪرائڻ گهرجن، نامزدگي ڪاغذن سان گڏ مختلف سرڪاري کاتن جا اين او سي به شامل ڪرڻ گهرجن.پوسٽ ۾ اسحاق ڊار چيو آهي ته دستاويز مڪمل ڪرڻ ۾ وقت لڳندو آهي، دستاويز مڪمل نه ٿيڻ تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويندا آهن.خط ۾ ن ليگ پاران درخواست ڪئي وئي آهي ته اميدوارن جي سهولت لاءِ اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري.اسحاق ڊار جي خط ۾ اها به درخواست ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري جي پولنگ جي تاريخ ۾ تبديلي کانسواءِ چونڊ شيڊول ۾ ترميم ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو