ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جو چوڻ آهي ته چونڊون ملڪي مسئلن جو حل آهن، چونڊون 8 فيبروري تي ٿيڻ گهرجن.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي، اهي هر دور ۾ پيپلز پارٽي خلاف اتحاد ڪندا رهيا آهن.هن چيو ته اهي سڀئي گڏ ٿيل آهن، انهن کي پنهنجي ۽ پيپلز پارٽي جي موقف جي خبر آهي.سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته هن ڀيري هو وڌيڪ سيٽون کڻندا، ڪراچي مان به سيٽون کٽندا،پي ٽي آءِ ۽ پ پ ۾ اتحاد بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياست ۾ دروازا ڪڏهن بند نه ٿيندا آهن.
