ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن دوران سڪيورٽي لاءِ 115000 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ پوليس اهلڪار 191 سيٽن تي امن امان برقرار رکڻ جا ذميوار هوندا جن ۾ قومي اسيمبلي جون 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 130 سيٽون شامل آهن. هن اها ڳالهه پاڪستان نيوي وار ڪاليج جي پي اين اسٽاف ڪورس جي شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏيندي چئي جنهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن برگيڊيئر (ر) حارث نواز، مبين جماڻي، عمر سومرو، احمد شاهه، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل مڱڻيجو، آءِ جي پوليس رفعت مختار ۽ صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. وار ڪورس جي وفد جي اڳواڻي ڪمانڊنٽ نيوي وار ڪاليج ريئر ايڊمرل اظهر محمود ڪري رهيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا پيا وڃن ته جيئن صاف ٿيل ۽ صنعتي پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏيو وڃي جنهن سان سمنڊ جي پاڻي ۾ آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. ان کان علاوه سنڌ حڪومت سمنڊ وٽ 1 لک مينگروز پوکيا آهن. مينگرووز قدرت جو هڪ انمول تحفو آهن جيڪي آسپاس جي آبادين کي گهٽ وڍجڻ ۽ موسمي تبديلين ۽ طوفاني برساتن جي اثرن کان بچائڻ ۾ مدد ڪن ٿا پر اهي ماحولياتي نظام لاءِ پڻ اهم آهن ڇوته انهن جي گهاٽي پاڙن سبب اهي زمين کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ ڪيتريون ئي اسڪيمون شروع ڪيون آهن. امن امان: اسٽاف ڪورس ۾ پريزنٽيشن دوران آءِ جي پوليس رفعت مختار پاڪستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي درپيش اهم چئلينجن کي اجاڳر ڪيو. هن چيو ته شهري علائقن خاص ڪري ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڪشمور، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ سکر جي ڪچي وارن علائقن ۾ لاقانونيت جهڙا اهم مسئلا آهن جڏهن ته دهشتگردي به هڪ چيلنج آهي پر انٽيليجنس جي بنياد تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ذريعي ان تي ضابطو آندو پيو وڃي. آءِ جي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پوليس ايندڙ عام چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ مڪمل تيار آهي. اسٽريٽ ڪرائم بابت ڳالهائيندي آءِ جي موبائيل فون/نقدي ڀتا خوري، گاڏين جي چوري/ ڀتا خوري، گهرن ۾ ڦرلٽ، قتل جي وارداتن جهڙن اهم مسئلن تي ويچار ونڊيو. اسٽريٽ ڪرائم جي شرحن ۾ ڦيرڦار ڪارڻ هي مسئلو هڪ وچٿرو آهي. پوليس هن وقت گشت ڪري رهي آهي ۽ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪري رهيا آهيون. چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم تجويز ڏني ته خاص ڪري شهري اسٽريٽ ڪرائم بابت ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي. هن جو خيال آهي ته ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ جي شروعات سان پوليس جي ٽيڪنيڪل صلاحيت ۾ واڌ سان هن مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڀنگ عيوض اغوا: آءِ جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ڪچي واري علائقي ۾ 4 وڏا ڏوهاري ٽولا آهن جن ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ۽ هني ٽريپنگ ذريعي جبري اغوا، هاءِ وي تي ڦرلٽ، قبائلي تڪرار ۽ اسمگلنگ شامل آهن. 2023ع دوران 261 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو جن مان سمورن اغوا ٿيلن کي ڌاڙيلن کان بازياب ڪرايو ويو ۽ اڃا تائين 16 اغوا آهن. پوليس اغوا جي وارداتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهي آهي. ترقياتي پورٽ فوليو: چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ (پي اينڊ ڊي) شڪيل مڱڻيجو شرڪت ڪندڙن کي سنڌ صوبي جي ترقياتي پورٽ فوليو بابت بريفنگ ڏني. هن چيو ته سنڌ وٽ وڏا وسيلا آهن جن ۾ 184 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا آهن جن مان 3300 ميگاواٽ بجلي، 2100 ايم ايم سي ايف ڊي گيس، 8.049 ملين بيرل تيل، 1.862 ملين بيلز ڪپهه، 3.9 ايم ايم ٽن ڪڻڪ، 2.58 ملين ٽن چانور، 18.335 ملي ميٽر ڪمند، 46.2 ملين ڍور ۽ 57000 ڪلوميٽر روڊ رستن جو ڄار شامل آهي. هن اهو به ٻڌايو ته هن سال 2023-24 ۾ سنڌ 68.179 ارب رپيا قرض ادا ڪري رهي آهي. مسٽر مڱڻيجو صوبي جي ترقياتي ترجيحن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ تعليمي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ، تعليم جي معيار سميت شاگردن جي داخلا وڌائڻ شامل آهن جڏهن ته ٻين ترجيحن ۾ صحت جي سهولتن کي اپ گريڊ ڪرڻ، زراعت، صنعتي ۽ ميونسپل استعمال لاءِ پاڻي محفوظ ڪرڻ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي محفوظ نيڪال، ميونسپل سروسز کي بهتر بڻائڻ ۽ شهر اندر روڊن جي بهتري ۽ رابطا وڌائڻ شامل آهن. چيئرمين پي اينڊ ڊي اهو به چيو ته صوبي جي بجيٽ 2.28 ٽريلين رپيا آهي. وڏي وزير، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ آءِ جي پوليس اسٽاف ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. پاڪستان نيوي وار ڪاليج جي ڪمانڊنٽ ريئر ايڊمرل اظهر محمود شرڪت ڪندڙن کي وقت ڏيڻ ۽ انهن جي سوالن جا جواب ڏيڻ تي وڏي وزير جا ٿورا مڃيا.










