چونڊن ۾ دير جون ڳالهيون توهين عدالت جي مترادف آهن: محنتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻوايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته گذريل سال2023ع سنڌ ۾ بدامني ۽ معاشي طور بدترين رهيو، 2000 ماڻهو قتل، 4000 اغوا، جڏهن ته معصوم نياڻين سان زيادتي بعد بي دردي سان قتل جا واقعا ٿيا، امن امان جي نالي تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود عوام امن لاءِ واجهائيندو رهيو، عملي طور سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ هو، سنڌ ۾ جٽادار امن ۽ خوشحالي لاءِ عوام کي 08 فيبروري جي چونڊن ۾ اهل ۽ ديانتدار قيادت کي ڪامياب ڪرڻو پوندو. هن اڄ هڪ بيان ۾ چيو ته چونڊن ۾ دير جون ڳالهيون توهين عدالت جي مترادف آهن، بروقت صاف شفاف ۽ اڻڌريون چونڊون ئي ملڪ جي معاشي توڙي سياسي بحران جو حل آهن. قبيلائي جهيڙا سنڌ ۾ ناسور بڻجي ويا آهن جنهن سبب هزارين قيمتي جانيون ضايع، تعليم، ڪاروبار تباه ۽ معول جي زندگي مفلوج بڻجي ٿي. بدامني جو اهو عالم آهي جو اڄ ماڻهو شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڏينهن ڏٺي جو به محفوظ ڪونه آهن، امن سان ئي سنڌ ۾ ترقي، تعليم ۽ معيشت بهتر ٿي سگهي ٿي انڪري حڪومت امن جي بحالي توڙي ڏوهن جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کڻي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو