چونڊ عمل شروع، اميدوارن جي بنيادي اهليت جا تفصيل جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي بنيادي اهليت جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.اليڪشن ڪميشن موجب پارليامينٽ جو ميمبر بڻجڻ لاءِ اميدوار پاڪستان جو شهري هجڻ گهرجي ۽ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ تائين اميدوار جي عمر 25 سالن کان گهٽ نه هجڻ گهرجي.اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ اميدوار لاءِ پاڪستان جي ڪنهن به هنڌ جو ووٽر هجڻ لازمي آهي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ اميدوار لاڳاپيل صوبي جو هجڻ لازمي آهي، جڏهن ته عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ اميدوار قومي اسيمبلي جي سيٽن تي لاڳاپيل صوبي جو ووٽر هجڻ ضروري آهي. اليڪشن ڪميشن موجب اميدوار جي اهليت ۽ نااهلي جا تفصيل آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 ۾ درج آهن. جنرل سيٽن لاءِ اميدوار جو پروپوزر ۽ سپورٽر لاڳاپيل حلقن جو ووٽر هجڻ ضروري آهي، جڏهن ته غير مسلم سيٽن لاءِ اميدوار جو پروپوزر ۽ سپورٽر پاڪستان جي ڪنهن به حصي مان ووٽر ٿي سگهي ٿو.اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته هر اميدوار چونڊ خرچن جي حوالي سان ڪنهن به شيڊول بئنڪ ۾ اسپيشل اڪائونٽ کولي ۽ جيڪڏهن اڪائونٽ اڳ ۾ موجود آهي ته نامزدگي ڪاغذن ۾ بئنڪ اڪائونٽ جا تفصيل داخل ڪري. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت بئنڪ اسٽيٽمينٽ سان ڳنڍڻ لازمي هوندو، جڏهن ته اميدوار طرفان نامزدگي ڪاغذن سان گڏ اسٽامپ پيپر تي حلف نامي جي تصديق ڪئي ويندي.اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذن سان گڏ اميدوار پنهنجي اثاثن جا تفصيل لکندا، پنهنجي زال ۽ ڀاتي ٻارن جي اثاثن جا تفصيل لکندا. نامزدگي ڪاغذ بااختيار شخص طرفان اميدوار يا ان جي تجويز ۽ تصديق ڪندڙ طرفان جمع ڪري سگھن ٿا.اليڪشن ڪميشن موجب جيڪڏهن نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪو باڪس اميدوار سان لاڳاپيل ناهي ته اتي اين اي لکيو وڃي. اميدوار پنهنجي تازي تصوير نامزدگي جي مقرر ڪيل جاءِ تي پيسٽ ڪندو….ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن لاءِ چونڊ عمل جي اڄ کان باقاعده شروعات، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون وڙهڻ جي خواهشمند اميدوارن پاران اڄ کان نامزدگي فارم وصول ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ به اڄ کان جاري ڪيا پيا وڃن، نامزدگي ڪاغذ 20 ڊسمبر کان 22 ڊسمبر تائين جمع ڪرايا ويندا،اليڪشن ڪميشن موجب اميدوارن جي نظرثاني ٿيل لسٽ 11 جنوري تي جاري ڪئي ويندي، 13 جنوري تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا، 8 فيبروري تي عام چونڊن لاءِ سموري ملڪ ۾ پولنگ ٿيندي

پهنجو تبصرو موڪليو