چونڊن لاءِ مڪمل تيار آهيون،پ پ ڀرپور چونڊ مهم هلائي پئي

چونڊن لاءِ مڪمل تيار آهيون،پ پ ڀرپور چونڊ مهم هلائي پئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري الرحمان چيو آهي ته ٻين پارٽين جي برعڪس پيپلزپارٽي ڀرپور چونڊ مهم هلائي رهي آهي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس ( اڳوڻي ٽوٽر) ۾ جاري ڪندي بيان ۾ شيري الرحمان چيو ته بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري ميدان ۾ عوامي رابطه مهم جي قيادت ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اسان بند ڪمرن ۽ سوشل ميڊيا تي نه عوام جي وچ ۾ پنهنجو چونڊ ايجنڊا پيش ڪري رهيا آهيون. نامينيشن فارم وصول ڪرڻ ٿي چڪو، اسان جي چونڊ ۾ اڃان وڌيڪ تيزي ايندي، شيري الرحمان چيو ته اسان چونڊن لاءِ مڪمل تيار آهيون. صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيون ته پيپلزپارتي سڀ کان وڌيڪ مقبول طور ثابت ٿيندي، هن چيو ته پيپلزپارٽي گار گند ۽ تقسيم نه پر عوامي ڀلائي ۽ بيانيو کڻي هلي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو