چوري ۾ ملوث ڊي ايس پي کي سخت سزا ڏني ويندي: نواز

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نگران گهرو وزير سنڌ برگيڊيئر (ر) حارث نواز جو چوڻ آهي ته چوري ۾ ملوث ڊي ايس پي کي گرفتار ڪيو ويو، ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، کيس سخت سزا ڏني ويندي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته انڊر ٽريننگ ڊي ايس پي کي اهڙو ٽاسڪ نه ڏنو وڃي ها، واقعي تي فوري ايڪشن ورتو آهي.سنڌ جي نگران گهرو وزير جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي کي به معطل ڪيو ويو آهي، سندس خلاف ضروري ڪارروائي ڪئي ويندي.هن وڌيڪ چيو ته پوليس جي قيادت سٺي آهي، مان مطمئن آهيان، نگران حڪومت اچڻ کان پوءِ ڪچين علائقن ۾ ڏوهن نه ٿيا، اها ايس ايس پي جي غلطي آهي، آءِ جي پوليس کيس معطل ڪيو آهي.حارث نواز جو اهو به چوڻ آهي ته هڪ پوليس اهلڪار جي پگهار 60 کان 70 هزار رپيا آهي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام جي خدمت لاءِ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو