چنيوٽ (ويب ڊيسڪ)چنيوٽ ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) مقابلي ۾ 50 ڄڻن جي قاتل کي ساٿي سميت مارجي ويو.سي ٽي ڊي اختيارين موجب چنيوٽ جي علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، دهشتگرد غضنفر نديم جي سر جي قيمت 25 لک رپيا هئي.اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگرد غضنفر نديم فيصل آباد ۾ حساس اداري جي آفيس تي حملي ۾ به ملوث هو، غضنفر نديم مذهبي نفرت جي بنياد تي دهشتگردي ۾ ماسٽر مائينڊ هو.سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي لڪندي بارود ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا، دهشتگرد فيصل آباد ۾ 11 وڏين ڪاررواين ۾ ملوث هو، دهشتگرد ڊيرا اسماعيل خان ۾ آپگهاتي حملي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي وارداتن ۾ به ملوث هئا.










