چمن (ويب ڊيسڪ)چمن ۾ قلعه عبدالله گرڊ اسٽيشن جي پوليس پوسٽ ويجهو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.ان حوالي سان ڊي پي او جو چوڻ آهي ته ڌماڪي سان قلعه عبدالله گرڊ اسٽيشن پوليس پوسٽ جو گارڊ روم تباهه ٿي ويو.هن چيو ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.ڊي پي او جو چوڻ هو ته ڌماڪيدار مادو پوليس پوسٽ جي پويان نالي ۾ نصب ڪيو ويو هو.










