ڀاڻ جي منتقلي خلاف ڪاروائي سميت عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت

ڀاڻ جي منتقلي خلاف ڪاروائي سميت عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت

گهوٽڪي (ن س ) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي روينيو آفيسرن سان اهم گڏجاڻي، اسپتالن ۽ اسڪولن جو دورو ڪري جائزو وٺڻ جي هدايت، ضلعي کي ملندڙ يوريا جي ڪوٽا ٻين ضلعن ۾ منتقل ڪندڙ ڊيلرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم، عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ٿيڻ گهرجن. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي آغا شير زمان جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن جي اهم گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نواب سمير لغاري سميت گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، خانڳڙه، ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙو جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي پنهنجي تعلقي جي ڊيلرن کي ملندڙ يوريا بابت آگاهي حاصل ڪن ۽ يقيني بڻايو وڃي ته ضلعي جي ڪوٽا مقرر ٿيل قيمت تحت ضلعي ۾ ئي وڪرو ٿئي جڏهن ته ٻين ضلعن ڏانهن منتقل يا ذخيرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته تعلقن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن جو اهم ڪردار هجي ٿو انڪري سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي گهرجي ته هو عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، اسپتالن ۽ اسڪولن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو وڃي، هٿرادو مهانگائي توڙي ذخيره اندوزن خلاف جوڳا قدم کنيا وڃن. هن چيو ته عملدارن جي سرگرم ٿيڻ سان صورتحال بهتر ٿيندي، روينيو آفيسن ۾ ايندڙ عام ماڻهن کي ٻڌو وڃي جن جي ڪا به سفارش ناهي هوندي، اسان جو بنيادي فرض به عام ماڻهن کي ٻڌي سندن داد رسي ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اي پي آئي پروگرام تي پڻ خصوصي ڌيان ڏنو وڃي ڇو ته روٽين امونائيزيشن کانسواءِ پوليو وائرس خلاف جاري مهم موثر نه ٿي سگهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو