پاڪستان ’بلاڪ پوليٽيڪس‘ تي يقين نٿو رکي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان بلاڪ جي سياست تي يقين نٿو رکي، سمورن دوست ملڪن سان متوازن لاڳاپن تي يقين رکي ٿو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف اها ڳالهه آمريڪا جي دوري دوران اهم آمريڪي ٿنڪ ٽينڪن ۽ ميڊيا سان خصوصي ملاقات دوران چئي.آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير اهم آمريڪي ٿنڪ ٽينڪن ۽ ميڊيا جي ميمبرن سان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران علائقائي سلامتي ۽ عالمي دهشتگردي تي پاڪستان جو نقطه نظر پيش ڪيو.ملاقات دوران آرمي چيف ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام لاءِ پاڪستان جي روش تي به روشني وڌي.آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪشمير مسئلي کي ڪشميري عوام جي امنگ ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.هن چيو ته ڪشمير عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار آهي، ڪو به هڪ طرفو قدم ڪشميري عوام جي خواهشن جي خلاف ان تڪرار جي نوعيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي.آرمي چيف جنرل عاصم منير غزه ۾ فوري جنگ بند ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته غزه ۾ انساني امداد ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٻه رياستي حل تي عملدرآمد ضروري آهي.هن چيو ته پاڪستان ڏهاڪن کان عالمي دهشتگردي خلاف جنگ ڪري رهيو آهي ته جيئن علائقائي استحڪام ۽ عالمي امن کي يقيني بڻائي سگهجي.پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي مثال خدمتون ۽ قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستاني عوام جي ڀرپور حمايت سان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اها جنگ جاري رهندي.هن چيو ته پاڪستان جيو پوليٽيڪل ۽ جيو اڪنامڪ نقطه نظر کان اهم ملڪن مان هڪ آهي، پاڪستان وچ ايشيا جي ملڪن سان مضبوط لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو.آرمي چيف اهو به چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ٻطرفن لاڳاپن ذريعي مضبوط لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي.آمريڪي دوري جي حوالي سان پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ چيو آهي ته پاڪستان جي سفير آمريڪا پهچڻ تي آرمي چيف جو استقبال ڪيو.آءِ ايس پي آر جو اهو به چوڻ هو ته آرمي چيف جي آمريڪا جي دوري دوران سياسي ۽ فوجي قيادت سان ڳالهيون تمام مثبت رهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو