مٺي (رپورٽر) مٺي ويجهو موٽرسائيڪل سوارن سان حادثو، وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، 2 زخمي ٿي پيا، ٿر گهمڻ لاءِ ويندڙ موٽرسائيڪل سوارن سان حادثي ۾ عبداللطيف ڪهيو فوت ٿي ويو، سندس 2 دوست زخمي ٿيا ٿر گهمڻ لاءِ ويندڙن سان ڌار ڌار حادثن ۾ فوتين جو انگ وڌي 3 ٿي ويو، 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن فوتين ۾ ڪڙيو گهنور واسي رمضان ۽ حيدرآباد واسي رضوان پٽ رمضان ملڪ به شامل آهن










