پ پ ۽ پي ڊي ايم ٻوڏ متاثرن سان ڪيل واعدا وفا نه ڪيا

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايدوڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ايڊوڪيٽ وسند ٿري ۽ ادريس لغاري پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي سرڪار ۽ پي ڊي ايم حڪومت جا ٻوڏ متاثرن سان ڪيل واعدا وفا نه ٿيا. هن وقت تائين سنڌ جا ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. سال 2022ع واري ٻوڏ کي سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر ٻوڏ متاثرن جا گهر ٺاهي ناهن ڏنا ويا. ٻوڏ متاثرن جا گهر ٺاهي ڏيندڙ اين جي اوز ڪرپشن وسيلي ٻوڏ متاثرن جي گهرن جا پئسا هڙپ ڪري ويون آهن. صرف وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن جي من پسند ماڻهن کي گهر ڏنا ويا آهن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سال سال 2022ع جي ٻوڏ ۾ سنڌ جي ماڻهن جا لکين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. ڪروڙين ماڻهو پنهنجن گهرن کان دربدر ٿيا. سنڌ سرڪار هن وقت تائين ٻوڏ متاثرن جي گهرن جو ڪم مڪمل نه ڪري سگهي آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جا پئسا اليڪشن ورڪ تي خرچ ڪري رهي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته هينڊس اين جي او کي سنڌ جي 6 ضلعن جا 3 لک 76 هزار کان وڌيڪ گهر ٺاهي ڏيڻا هئا ان هن وقت تائين صرف 55 گهر مس ٺاهي ڏنا آهن جيڪا انتهائي شرمناڪ صورتحال آهي. موجوده نگران وفاقي سرڪار ۽ سنڌ جي نگران حڪومت سنڌ جا معدني وسيلا ۽ زمينن تي قبضن بدران سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جا گهر ٺاهڻ لاءِ ڪوششون وٺن. ٻوڏ ۾ آبادگارن ۽ هارين جا فصل تباه ٿي ويا هئا. آبادگارن کي نه ڀاڻ مليو نه ئي ٻج مليو. پر اٽلو آبادگارن کان زرعي قرض وياج سميت وصول ڪيو پيو وڃي جيڪا سراسر ناانصافي آهي. آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ سمورا قرض معاف ڪيا وڃن. عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته جلد کان جلد سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جا گهر ٺهرائي ٻوڏ متاثرن جي مالي مدد ڪئي وڃي جيئن سندن فصلن ۽ مال متاع جي نقصان جو ازالو ٿي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو