پ پ پ سنڌ جي سنوارڻ جي بدران تباھ ۽ برباد ڪيو آهي: بشير ميمڻ

حيدر آباد( پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان مسلم ليگ نواز سنڌ جي صوبائي صدر بشيرميمڻ جي مگسي هائوس تي ملاقات ٿي گذري ملاقات دوران ٻنهي سياسي اڳواڻن جي وچ ۾ موجود سنڌ ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي گذري. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڳالهائيندي چيو ته گذريل پندرنهن سالن کان سنڌ مٿان مسلسل حڪمراني ڪندڙ پ پ پ سنڌ جي سنوارڻ جي بدران تباھ ۽ برباد ڪيو آهي. سنڌ کي ﷲ تعالي سمورين نعمتن سان مالامال ڪيو آهي تيل گئس سميت هر معدنيات سنڌ مان ملي ٿي پر سنڌ جا ماڻهو هڪ ويلو کائڻ جي لاءِ پريشان آهن. ٻي پاسي ڌارين آبادڪاري ۽ زمينن تي والار جاري آهي جنهن ۾ پ پ پ مڪمل سهولتڪار بڻيل آهي. ان موقعي تي ن ليگ اڳواڻ ڳالهائيندي چيو ته مسلم ليگ نواز ماضي جي تجربن مان ڪافي سکيو آهي نواز شريف جلدي سنڌ جو دورو ڪندو ۽ سنڌ جي بنيادي مسئلن تي مسلم ليگ حڪومت ۾ اچي ترجيح بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ايندڙ اليڪشن جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ٿيون. ملاقات جي دوران ايس ٽي پي جا مرڪزي اڳواڻ حيدر شاهاڻي، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، قادر چنا ، ڄام شوڪت ابڙو ، جي ڊي اي اڳواڻ جلال شاھ ڄاموٽ، محمد علي ابڙو ، شاھ زمان شاه، نصير ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو