پ پ هميشه عام ماڻهو جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ورتيون آهن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر مملڪت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي هميشه عام ماڻهو جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ورتيون آهن، پارٽي ٺهڻ جي شروعات کان ئي ان جي باني ۽ انقلابي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو جو ”اٽو لٽو ۽ اجهو“ جو نعرو پ پ پ جي بنيادي قدرن ۽ اخلاقيات سان لازم ۽ ملزوم آهي، جنهن جي تڪميل لاءِ پارٽيءَ اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ ان جي بنياد ۾ شهيدن جو رت به شامل آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته جديد دنيا جي تاريخ ۾ ڪنهن جماعت پنهنجي منشور تي عمل لاءِ پيپلزپارٽي کان وڌيڪ قربانيون نه ڏنيون آهن. هن چيو ته پ پ پ لاڳيتو اڳتي طرف سفر ڪيو ۽ پنهنجي تجربن کان سکيو آهي، اهڙي ريت اسان هڪ نئين جوش ۽ فرض جي احساس سان گڏ پاڪستاني عوام جي خدمت لاءِ تيار آهيون. شريڪ چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي وڌيڪ چيو ته ايندڙ سالن ۾ بحالي لاءِ اسان جن اهم شعبن تي روشني وڌي آهي اُنهن ۾ خوراڪ، تعليم ۽ صحت نمايان آهن. هن چيو ته شفافيت ۽ بهتر حڪمراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ خوراڪ، تعليم ۽ صحت جهڙن اهم کاتن جي مڪمل ڊجيٽلائزيشن اڻٽر آهي ڇاڪاڻ ته اهي کاتا عام ماڻهو جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ضروري خدمتون فراهم ڪندا آهن. اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته هراسمينٽ قانونن کي وڌيڪ مضبوط ۽ انهن تي عملدرآمد بڻائڻو آهي ته جيئن اسانجي سماج ۾ عورتن کي بعير ڪنهن خوف ۽ تعصب جي ڪم ڪرڻ جي اجازت ۽ موقعو فراهم ٿي سگهي. پ پ پ هميشه کان عورتن جي حقن جي علمبردار رهي آهي ۽ ان جماعت ئي شهيد محترمه بينظيرڀٽو جي صورت ۾ اسلامي دنيا کي پهرئين عورت وزيراعظم سان به نوازيو.

پهنجو تبصرو موڪليو