ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قائداعظم جي 75 هين ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قائداعظم صدين ۾ پيدا ٿيندڙ ڪرشماتي ليڊر ۽ سياسي حڪمت عمليءَ جو مالڪ هو.باباءِ قوم جي سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي قائداعظم جي سياسي فڪر ۽ فلسفي تي عمل ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي ڪڏهن به آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي تي شهرين جي حقن جي سوديبازي نه ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائداعظم جو جمهوريت دوست نظريو ۽ جديد اسلامي فلاحي رياست جو ويزن روشن آهي.ان موقعي تي هن واعدو ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان ڪنهن مصلحت ۽ سمجهوتي بغير باباءِ قوم جي ڏنل رستي هلنداسين
