پ پ عورت ونگ اڳواڻن جي فاطمه جي گهر آمد،وارثن سان تعزيت

پ پ عورت ونگ اڳواڻن جي فاطمه جي گهر آمد،وارثن سان تعزيت

خانواهڻ (ن س )پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ سنڌ جي صدر اڳوڻي ايم اين اي شگفته جماڻي، ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو، پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ ڊاڪٽر فاطمه انصاري، مقبول احمد ڪلهوڙو ۽ ٻين خانواھڻ ڀرسان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ پھتون جتي ھنن شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ان موقعي تي شگفته جماڻي ڳالھائيندي چيو ته شهيد فاطمه ڦرڙو کي جنھن بي درديءَ سان تشدد ڪري قتل ڪيو ويو ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي ھن وڌيڪ چيو تہ ان قسم جا واقعا اسان جي ملڪ ۾ گھڻي ڀاڱي ٿين ٿا پر اھي منظر تي نه ٿا اچن شهيد فاطمه ڦرڙو وارو واقعو سڄي دنيا ۾ ڦھلجي ويو ان جو سبب سندس نالو فاطمه ھجڻ ھيو، ھن وڌيڪ چيو تہ واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۽ سھولتڪارن کي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن آئينده ڪو به ماڻھون اھڙو عمل ورجائڻ جي جرئت نه ڪري سگهي ھن ان موقعي تي ٻڌايو تہ پيپلزپارٽي جي قيادت بلاول ڀٽو زرداري آصفه ڀٽو زرداري شهيد فاطمه ڦرڙو واقعي کي مسلسل مانيٽر ڪري رهيا آهن ۽ قيادت کي ھدايتون ڏنيون ويون آهن ته اھي شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان ٻانھن ٻيلي، ٿين شگفته جماڻي وڌيڪ ٻڌايو تہ پ پ جي اعليَ قيادت عنقريب ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ پھچي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو