پ پ عوام جي مدد سان اڪيلي حڪومت ٺاهيندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي صرف عوام جي مدد سان اڪيلي سر حڪومت ٺاهيندي.بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪجهه ماڻهو مايوسي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي ادارن خلاف سازشون ڪيون ويون. ادارن کي ٻوڙڻ جون سازشون ڪيون ويون.شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي. صرف عوام جي مدد سان پيپلز پارٽي اڪيلي حڪومت ٺاهيندي ۽ 8 فيبروري تي تاريخ سوڀ حاصل ڪندي. هن چيو ته اوهان لاهور کي پورو پاڪستان سمجهي رکيو آهي. بلاول ڀٽو خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا ڪامياب دورا ڪيا. پيپلز پارٽي جو بلوچستان ۾ تاريخي جلسو ٿيو. پيپلز پارٽي اهي ڪم ڪيا جيڪي پوري پاڪستان ۾ ڪير به نه ڪري سگهيو. هن چيو ته سي پيڪ جي بنياد رکندڙ آصف زرداري آهي. ڪالهه(ن) ليگ جي ميمبرن کي ياد آيو ته اسان لاهور ٺاهيو. اوهان وزيراعظم جي عهدي تي ويٺل هو اهو ٻڌايو اوهان پاڪستان لاءِ ڇا ڪيو؟شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر نه ويندي آهي. (ن) ليگ جي قيادت ڪڏهن به پاڪستان ۾ ڪوبه سرڪاري اسپتال نه ٺاهيو آهي؟ پيپلز پارٽي ميرٽ تي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿي. پ پ اڳواڻ چيو ته ڪراچي ۾ ملڪ جون بهترين طبي سهولتون موجود آهن. صحت آهي ته سڀ ڪجهه آهي. روڊ ۽ فلاءِ اوور صحت کان پوءِ ايندا آهن.هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اليڪٽرڪ بس سروس پيپلز پارٽي شروع ڪئي. (ن) ليگ جا دوست ٻڌائين ته انهن هيلٿ جي شعبي لاءِ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ پ پ جو جهيڙو لسانيت جي سياست جي خلاف آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ٿر مان ڪوئلو ڪڍيو ويو. (ن) ليگ ٿر مان ڪوئلو ڪڍڻ جو ڪريڊٽ به پاڻ کنيو. ڪوئلي جا ذخيرا ايترا آهن جو 200 سال تائين ايڪسپورٽ ڪري سگهون ٿا. پيپلز پارٽي غريبن جي پارٽي آهي. پارٽي کي عوام جي مسئلن جي چڱي ريت خبر آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 21 لک گهر تباهه ٿيا، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ گهر ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. پيپلز پارٽي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري تي عمل ڪري رهي آهي. ان کان وڌيڪ ٻئي عوام جي خدمت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ کي تاريخي نقصان پهچايو. پي ٽي آءِ پاڪستان کي تباهه ڪرڻ جي ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي. ايس آئي يو ٽي ۾ ايران مان ماڻهو علاج لاءِ ايندا آهن. پيپلز پارٽي وٽ ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو