چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن، نين تڪبندين جي ضرورت ناهي، پي پي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جو چوڻ آهي ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿيڻ بابت آئين واضح آهي، اليڪشن 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ۽ چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن.پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جي اجلاس ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فريال ٽالپر، بئريسٽر اعتزاز احسن، راجا پرويز اشرف، رضا رباني، قائم علي شاهه ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته ميمبرن ملڪ ۾ عام چونڊن بابت تجويزون پيش ڪيون.ميمبرن پاران تجويز ڏني وئي ته پيپلز پارٽي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو موقف اختيار ڪري، اعتزاز احسن 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت قانوني دليل پڻ پيش ڪيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته مخدوم احمد محمود عوامي رابطا مهم، پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن جا دورا ڪرڻ جي به تجويز ڏني. اجلاس بعد شيري رحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اجلاس ۾ عوام کي ڏکيائين مان ڪڍڻ واري پاليسي تي غور ڪيو ويو.شيري رحمان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان 29 آگسٽ تي ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ اسان پنهنجي موقف کان کين آگاهه ڪنداسين، اسان جو موقف آهي ته ڊجيٽل آدمشماري تڪراري هئي، سي سي آءِ ۾ چيو ويو هو ته چونڊن ۾ دير نه ٿيندي، تڪبندين کي سبب بڻائي چونڊن ۾ دير نٿي ڪري سگهجي، تڪبندين ۾ سيٽن ۾ واڌ نه ٿيڻي هئي.وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جو مقصد آهي ته چونڊون وقت تي ٿين، وقت تي چونڊن لاءِ آدمشماري کي منظور ڪيو، آدمشماري سان قومي اسيمبلي جي سيٽن ۾ تبديلي نه ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو