پ پ اميدوارن کانسواءِ سڀني اميدوارن کي هٿ کڻڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ نامزد اميدوارن کانسواءِ پنهنجي ٻين سڀني اميدوارن کي ڪاغذن تان هٿ کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي هدايتون جاري ڪيون آهن ته سمورا ماڻهو نامزد اميدوارن جي حق ۾ فوري طور هٿ کڻي وڃن ۽ اميدوارن جي حق ۾ هٿ کڻڻ جي رسيد صوبائي سيڪريٽري کي موڪلي وڃي. هن چيو ته پارٽي جن اميدوارن کي نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، انهن کي ئي ٽڪيٽون جاري ٿينديون، سڀ هٿ کڻڻ جي پارٽي جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جا پابند آهن. سندس چوڻ هو ته پ پ 8 فيبروري تي ملڪ ۾ سرپرائز ڏيندي، چونڊن لاءِ سپريم ڪورٽ جو فيصلو پٿر تي ليڪو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو