پ پ جي اڳوڻن وزيرن خلاف سازش تحت مھم ھلائي پئي وڃي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھھ چيو آھي تھ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻن صوبائي ۽ وفاقي وزيرن خلاف ھڪ سازش تحت ناڪاري پروپيگنڊا مھم ھلائي پئي وڃي. ھن وڌيڪ چيو تھ جڏھن بھ چونڊون اينديون آھن تھ پيپلز پارٽي جا مخالف اھڙي قسم جي حڪمت عملي جوڙيندا آھن. اھا ڳالھھ ھن اڄ آچر ڏينھن سندس جاري ڪيل ھڪ پريس رليز ۾ ڪئي. سيد ناصر حسين شاھھ چيو تھ مخالف سمجھن ٿا تھ اھي جيترو بھ زور لڳائيندا چونڊن ۾ سوڀ پيپلز پارٽي جي ٿيندي. ھن چيو تھ اليشن ڪميشن پيپلز پارٽي جي موقف کي سمجھندي تڪ بندين واري عمل کي ھڪ مھينو اڳ مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، سيد ناصر حسين شاھھ اليڪشن ڪميشن کان گھر ڪندي چيو تھ عام چونڊن جي شيڊول کي فوري طور تي جاري ڪيو وڃي، چاڪاڻ تھ ملڪ جي معاشي صورتحال اهو مطالبو ڪري رهيو آهي تھ جلد اليڪشن ڪرائي وڃي تھ جيئن معيشت کي سنڀالي سگھجي. ھن وڌيڪ چيو تھ پيپلز پارٽي جي قيادت وٽ ملڪ جو سياسي ۽ معاشي حل موجود آھي جنھن سان عوام ۾ موجود بيچيني ختم ٿيندي. ناصر حسين شاھھ چيو تھ اسان دبئي ۾ صدر آصف زرداريءَ سان ملاقات ڪئي ۽ ھن عام چونڊن جي تياري تيز ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ ڪارڪن تيار رھن، پيپلز پارٽي تمام جلد عام چونڊن واري مھم شروع ڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو