ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي سعديه جاويد جي گهر ۾ چورن هٿ صاف ڪري ورتا.پوليس موجب ڪراچي جي رهواسي اڳوڻي ايم ايل اي سعديه جاويد جي گهر ۾ ڦر جي واردات ٿي، جنهن ۾ جوابدار لکين رپين جا سونا زيور ۽ نقدي ڦر ڪري فرار ٿي ويا.درخشان ٿاڻي تي چوري جي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف صدر ۾ مبينا چوري جو واقعو پيش آيو، جنهن دوران جوابدار 71 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس موجب اوورسيز ايمپلائيز ڪارپوريشن جي ملازمن بئنڪ مان پئسا ڪڍرايا هئا، جنهن بعد ڪار ۽ موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن ملازمن کي هٿيارن جا نشان ڏيکاريا ۽ رقم جو ٿيلهو کڻي فرار ٿي ويا.پوليس موجب گلشن اقبال بلاڪ 10 اي پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو، جنهن دوران پوليس جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.










