پ پ اهم فيصلن لاءِ سي اي سي اجلاس طلب ڪري ورتو

پ پ اهم فيصلن لاءِ سي اي سي اجلاس طلب ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جو اجلاس 3 جنوري تي لاهور ۾ طلب ڪري ورتو. پيپلزپارٽي جي ميڊيا سيل طرفان جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو 3 جنوري تي اربع ڏهاڙي ٽي وڳي بلاول هائوس ۾ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪيو آهي.اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ عام چونڊن جي حوالي سان اهم فيصلا ٿيندا.بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي عام چونڊن جي حوالي سان مهم ۽ منشور تي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهيون ڪيون ونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو