پ پ اهم اڳواڻ اختر جدون ن ليگ ۾ شامل

پ پ اهم اڳواڻ اختر جدون ن ليگ ۾ شامل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ نون ڪراچي مان پيپلزپارٽي جي اهم وڪيٽ ڪيرائي وڌي، ٽرانسپورٽ جو اڳوڻو صوبائي وزير اختر جدون نون ليگ ۾ شامل ٿي ويو، پ پ اڳواڻ اختر جدون گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ نون ليگ سنڌ جي اڳواڻ بشير ميمڻ ۽ نهال هاشمي سان ملاقات ڪئي هئي، بشير ميمڻ ايڪس تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ چيو آهي ته اختر جدون مان توهان کي مسلم ليگ نون ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چوان ٿو،بشير ميمڻ جو چوڻ آهي ته توهان سان ڪيل منهنجو وعدو منهنجي قيادت پورو ڪندي، چونڊن جي سلسلي ۾ نواز ليگ سنڌ ۾ سرگرم ٿي وئي آهي، ذريعن موجب اڃا به ڪجهه ماڻهو نواز ليگ ۾ شامل ٿيندا

پهنجو تبصرو موڪليو