پگهادار طبقي لاءِ پري فلڊ ٽيڪس نظام جي منظوري

پگهادار طبقي لاءِ پري فلڊ ٽيڪس نظام جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهبازشريف انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 جي تحت ٽيڪس گذارن لاءِ پري فلڊ رٽرن نظام جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهبازشريف مالي سال 25-2024ع کان گذريل ڏينهن پگهار دار ٽيڪس گذارن جي پري فلڊ رٽرن سسٽم جي شروعات ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ان کانسواءِ 2025ع کان بزنس مين ماڻهن تي به پري فلڊ انڪم ٽيڪس رٽرن فائل ڪرڻ جو نظام شروع ڪيو ويندو. شروعات هفتي کان پگهار دار طبقو جڏهن ايف بي آر جي ويب سائيٽ تي لاگ ان ٿيندو ته ان جي سامهون پري فلڊ رٽرن جو سمورو ڊيٽا اچي ويندو، وزيراعظم جي هدايت تي ايف بي آر بزنس مينن کي آٽوميٽ ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو