پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت، پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جي آڇ

پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت، پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جي آڇ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جي آڇ ڪئي،وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هو پي ٽي آءِ سان کليل دل سان ڳالهين ۾ ويٺا ۽ ڳالهين لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويو، پر پي ٽي آءِ ڳالهين کان ڀڄي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان نيڪ نيتي سان پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪيون،اسان جي ڪميٽي هن کي چيو ته لکت ۾ مطالبا ڏيو،شهباز شريف پي ٽي آءِ کي ڪميشن جي بدران پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جي آڇ ڪندي چيو ته اچو ويهو، اسان هائوس ڪميٽي ٺاهڻ لاءِ تيار آهيون، اسان مخلصانه طور تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو