نوابشاهه (ن س)پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي چيئرمين آصف علي زرداري پاڪستان تحريڪ انصاف کي اليڪشن ۾ ڀرپور ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.نوابشاهه ۾ آصف علي زرداري نامزدگي ڪاغذن جي جاچ لاءِ رٽرننگ آفيسر جي آفيس پهتو ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪرائي ان موقعي تي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر چيو ته چيف جسٽس چيو آهي ته چونڊون ٿينديون.هن چيو ته پ پ جو مستقبل روشن آهي، انشاءَ الله اسان ئي حڪومت ٺاهينداسين.آصف زرداري چيو ته پي ٽي آءِ کي محنت ڪرڻ گهرجي، اڳي اهي بغير محنت ڪرڻ آيا، هاڻي محنت ڪن.










