پي ٽي آءِ چونڊن کي تڪراري پئي بڻائي: جاويد لطيف

پي ٽي آءِ چونڊن کي تڪراري پئي بڻائي: جاويد لطيف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ن ليگ اڳواڻ ميان جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ رٿابندي تحت هن اليڪشن کي تڪراري بڻائي رهي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو آهي ته ائين نٿو لڳي ته ڪنهن اميدوار تي تشدد ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس وقت تي شروع ٿئي ها ته حقيقتون سامهون اچي وڃن ها، اسان 9 ۽ 10 مئي تي ائين کڻي رهيا آهيون ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي.جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته هتي عالم اهو آهي ته کيس وڏي پارٽي جو سربراهه ۽ معصوم چيو پيو وڃي، ڇا ذوالفقار علي ڀٽو ڪنهن وڏي پارٽي جو سربراهه نه هو.هن چيو ته ڪيترن ئي مظلوم وزيراعظمن کي طاقت ذريعي هٽايو ويو، کيس آئيني طريقي سان هٽايو ويو پر پوءِ به هو بيگناهه آهن، نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي جاچ لاءِ ڪو ادارو آهي.ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن اميدوار کان نامزدگي ڪاغذ کسيا ويا آهن ته ادارن کي جاچ ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن احتساب ڪرڻو آهي ته سڀني سان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته جنهن پاڪستان کي ناقابل تسخير بڻايو ان کي يرغمال بڻايو ويو، ن ليگ هميشه پنهنجي پليٽ فارم تي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو