اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جو وفد آئيني ترميمن جي مسودي تي حتمي بحث لاءِ پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان جي صدارت ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي ويو آهي. ان حوالي سان جي يو آءِ اڳواڻ ڪامران مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته دعا ڪرڻ گهرجي ته الله اسان کي غلط فيصلو نه ڪرائي، حڪومت وٽ ٽي متبادل ڊرافٽ تيار آهن، جيڪڏهن ووٽ نه ڏنا ته حڪومت ڪنهن به مسودي کي منظور ڪندي. هن چيو ته هو مولانا فضل الرحمان کي صورتحال کان آگاهه ڪندا، جيڪڏهن ووٽ نه ڏنا ته آرٽيڪل 8 ۽ آرٽيڪل 191 ۾ به ترميم ڪئي ويندي. بعد ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ گوهر خان ميڊيا سان ڳالهايو. مولانا چيو ته هو پي ٽي آءِ جو شڪر گذار آهي ته هنن سندن مسودي تي اعتراض ناهي واريو پر هنن آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو سندن پارٽي جو حق آهي. ياد رهي ته عامر ڊوگر به پيلزپارٽي ۽ جي يو آءِ جي موسدي کي گذريل ڏينهن قبول ڪندي چيو هو ته ان تي کين اعتراض ناهي.










