پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت ۾ اختلافن جون خبرون بي بنياد آهن.هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف الله چيو ته علي امين گنڊاپور ۽ حماد اظهر وچ ۾ اختلاف جون خبرون ڪوڙيون آهن.هن چيو ته بي بنياد خبرون پي ٽي آءِ خلاف ناڪاري پروپيگنڊا جو حصو آهن.بئريسٽر سيف الله چيو ته مخالف غلط پروپيگنڊا ڪري سندن ناپاڪ ارادن ۾ ناڪام ٿيندا.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ ڪارڪن پارٽي جي بينر هيٺ مضبوط ۽ متحد بيٺا آهن.










