پي ٽي آءِ عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي سازش ڪري پئي

پي ٽي آءِ عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي سازش ڪري پئي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 8 فيبروري 2024 جون چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي سازش ڪري رهي آهي.شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جي درخواست عوام جي ترجماني ختم ڪرڻ جي سازش آهي. پي ٽي آءِ جون درخواستون چونڊن کان فرار ٿيڻ جي منصوبه بندي آهن ۽ سائفر جيان پي ٽي آءِ 8 فيبروري جي عام چونڊن جي خلاف سازش ڪري رهي آهي.مسلم ليگ(ن) جي صدر اهو به چيو ته پي ٽي آءِ هميشه پنهنجي ٻٽي ۽ منافقن واري پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ ميڊيا ۾ چونڊون جلد ڪرائڻ جڏهن ته عدالتن ۾ چونڊون التوا لاءِ پٽيشن داخل ڪري رهي آهي. 2018 جي چونڊن ۾ به بيورو ڪريسي ئي ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن جي ذميواري نڀائي هئي پر ان وقت پي ٽي آءِ اعتراض نه ڪيو هو.شهباز شريف چيو ته ڊي آر اوز جي خلاف درخواست کڻي پي ٽي آءِ لاهور هاءِ ڪورٽ وئي. 8 فيبروري 2024 جي چونڊن ۾ دير ٿي ته ان جي ذميوار پي ٽي آءِ هوندي. سائفر ۾ عوام جي آڏو ڪجهه چيو، جاچ ۾ ڪجهه ٻيو چيو ويو. پي ٽي آءِ ساڳئي منافت چونڊن ۾ به ڪري رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام بابت به پي ٽي آءِ اهڙيون سازشون ڪري رهي هئي پي ٽي آءِ ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪري سياسي عدم استحڪام چاهي ٿي پي ٽي آءِ نٿي چاهي ته ملڪ معاشي طور تي مضبوط ٿئي ۽ عوام جون معاشي پريشانيون ختم ٿين.

پهنجو تبصرو موڪليو