پي ٽي آءِ خان سان ملاقات واري سهولتڪاري لاءِ بليڪ ميل پئي ڪري

پي ٽي آءِ خان سان ملاقات واري سهولتڪاري لاءِ بليڪ ميل پئي ڪري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ عمران خان سان سياسي ملاقات لاءِ سهولتڪاري چاهي ٿي انهي لاءِ بليڪ ميل ڪري رهي آهي.دفاع واري وزير خواجه آصف ايڪس(ٽوئٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو آهي ته جڏهن اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف قيد هو ته انهي کي پنهنجي زال(ڪلثوم نواز) سان فون تي به ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي، جنهن سبب هو انهيءَ حال ۾ دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي.دفاع واري وزير خواجه آصف جي ٽوئٽ موجب پاڪستان تحريڪ انصاف بليڪ ميل ڪري رهي آهي ته پي ٽي آءِ باني سان سياسي ملاقات لاءِ سهولتڪاري گهرجي ٻئي صورت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس ۾ رنڊڪون پيدا ڪيون وينديون.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات جي لاءِ سندس اولاد کي لنڊن مان گهرايو وڃي انهي کان پوءِ ئي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو