راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو فوجي ٽرائل نه ٿيندو.سرگوڌا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ جا جيڪي اڳواڻ فوجي ٽرائل ڪري رهيا آهن اهي سياسي قيدي آهن.هن چيو ته اختر مينگل کي استعيفيٰ واپس وٺڻ جو چيو آهي، ڪنهن کي به بلوچستان جي جلسي جي پرواهه ناهي.عمر ايوب جو چوڻ آهي ته بجلي سستي ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ٻئي ڏينهن بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي، فارم 47 واري حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن 9 مئي جا ثبوت آهن ته سامهون آڻي، مخالف ڌر ملڪ ۽ جمهوريت جي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي.سندس چوڻ آهي ته محسن نقوي کنڊ ۽ ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ سڌو سنئون ملوث آهي، ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ ايف آءِ اي ڪري رهي آهي جيڪا گهرو وزير جي ماتحت آهي.










