پي ٽي آءِ احتجاج جو سڏ ملتوي ڪري: لياقت بلوچ

پي ٽي آءِ احتجاج جو سڏ ملتوي ڪري: لياقت بلوچ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ احتجاج جي سڏ کي ملتوي ڪري.پنهنجي هڪ بيان ۾ لياقت بلوچ چيو ته ايس سي او ڪانفرنس پوري قوم لاءِ اعزاز آهي.هن چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات جو مطالبو قبول ڪري. لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي دهشتگردن جو حملو ملڪ خلاف آهي، پاڪستاني عوام چين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.جماعت اسلامي جي نائب امير اهو به چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير مسئلي تي قومي ڪانفرنس گهرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو