پي آءِ اي سان تيل فراهمي معاهدو طئي، متاثر فلائيٽون بحال

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي گذريل ڏينهن کان تيل جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اڏامون به شروع ڪيون ويون آهن.پيٽرول جي فراهمي نه ٿيڻ ۽ انتظامي مسئلن سبب پي آءِ اي جو شيڊول سخت متاثر ٿيو، جنهن سبب 19 ملڪي ۽ غير ملڪي اڏامون منسوخ ڪيون ويون جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ملڪي ۽ غير ملڪي اڏامون غيرمعمولي طور تي دير جو شڪار ٿي ويون. جڏهن ته هاڻي پي آءِ اي جي ترجمان طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اڄ صبح کان قومي ايئر لائن کي پيٽرول جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ مختلف ايئرپورٽن تي روڪيل اڏامن جي روانگي شروع ٿي وئي آهي. ترجمان موجب پاڪستان اسٽيٽ آئل سان روزاني جي بنياد تي تيل جي فراهمي لاءِ معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جنهن تحت پي آءِ اي روزانو 10 ڪروڙ رپيا ادا ڪندي ۽ ان مطابق تيل فراهم ڪيو ويندو. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته فيول سپلاءِ کانپوءِ گذريل رات کان لاهور ۾ روڪيل اڏام پي ڪي 307 ڪراچي لاءِ رواني ٿي وئي آهي، جڏهن ته گذريل رات کان اسلام آباد ۾ روڪيل اڏام پي ڪي 309 به ڪراچي لاءِ رواني ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو