ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مالي بحران جو شڪار پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن جون 7 گهريلو اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن ۽ ڪيترين ئي اڏامن جو رخ موڙيو ويو آهي. ڪراچي ايئرپورٽ شيڊول موجب پي آءِ اي جون ڪراچي کان بهاولپور جون اڏامون پي ڪي 588 ۽ پي ڪي 589، ڪراچي کان لاهور ويندڙ اڏام پي ڪي 302 ۽ پي ڪي 303 به منسوخ ڪيون ويون آهن.ڪراچي کان اسلام آباد جي اڏام پي ڪي 368 ۾ 3 ڪلاڪ ۽ ڪراچي کان لاهور ويندڙ اڏام پي ڪي 304 ساڍا 8 ڪلاڪ دير جو شڪار آهي. ڪراچي کان رحيم يار خان جي اپ ۽ ڊائون فلائيٽ پي ڪي 582 ۽ پي ڪي 583 کي منسوخ ڪيو ويو آهي، ڪراچي کان سکر جي اڏام پي ڪي 536 45 منٽ اڳڀرائي ڪئي وئي آهي، ڪراچي کان ملتان جي اڏام پي ڪي 330 2 ڪلاڪ جڏهن ته دبئي ويندڙ پي ڪي 213 جي اڏام 2 ڪلاڪ دير سان رواني ٿي آهي.ان کان علاوه اسلام آباد کان ڪراچي ويندڙ اڏام پي ڪي 301، اسلام آباد کان رياض ويندڙ اڏام پي ڪي 753 ٽي ڪلاڪ، لاهور کان ڪراچي ويندڙ اڏام پي ڪي 305 اڍائي ڪلاڪ جي دير ڪئي وئي آهي.










