ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) قومي ايئر لائن پي آءِ اي جا سمورا بئنڪ اڪائونٽ بحال ڪري ڇڏيا.پي آءِ اي ترجمان تصديق ڪئي ته بئنڪ اڪائونٽس بحال ڪيا ويا آهن.ايف بي آر فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي ادائيگي نه ڪرڻ تي پي آءِ اي جا بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪري ڇڏيا.بئنڪ اڪائونٽس منجمد ٿيڻ سبب پي آءِ اي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي.بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ سان ملازمن کي آگسٽ جي پگهار جاري ڪرڻ ۾ دير ٿي وئي.
