ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) جي مالي بحران سان لاڳاپيل سڀ کان اهم تيل جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو، جنهن سبب تمام گهٽ جهازن کي ڪوٽا سسٽم جي بنياد تي تيل ملي رهيو آهي.اڄ (اڱارو 24 آڪٽوبر تائين) پي آءِ اي جون 51 ملڪي ۽ بين الاقوامي پروازون منسوخ ڪيون ويون آهن.فلائيٽ شيڊول موجب ڪراچي کان اسلام آباد جون 4 اڏامون پي ڪي 300، پي ڪي 301، پي ڪي 368 ۽ پي ڪي 369 جڏهن ته ڪراچي کان تربت جون 4 اڏامون پي ڪي 501 ۽ پي ڪي 502 منسوخ ڪيون ويون آهن.لاهور کان ڪراچي جي اڏام پي ڪي 302، پي ڪي 303، پي ڪي 306، ڪراچي کان سکر جي اڏام پي ڪي 536 ۽ پي ڪي 537، ڪراچي کان ڪوئيٽا جي اڏام پي ڪي 310 ۽ پي ڪي 311 منسوخ ڪئي وئي آهي.دمام کان ڪراچي ويندڙ اڏام پي ڪي 242، جڏهن ته لاهور کان ڪوئيٽا ويندڙ اڏام پي ڪي 322 ۽ پي ڪي 323 کي منسوخ ڪيو ويو آهي.اسلام آباد کان دبئي اڏامون پي ڪي 233، پي ڪي 211، ابوظهبي جون اڏامون پي ڪي 261، پي ڪي 262، گلگت لاءِ اڏامون پي ڪي 601، پي ڪي 602، پي ڪي 605 ۽ پي ڪي 606 ڪوئيٽا لاءِ اڏامون پي ڪي 325 ۽ پي ڪي 326، پي ڪي 326 ۽ پي ڪي 42، پي ڪي 24 ۽ پي ڪي 242، اسلام آباد کان دبئي جون اڏامون. گلگت ويندڙ اڏام پي ڪي 605 ۽ پي ڪي 606، سکر ويندڙ اڏام پي ڪي 631 ۽ پي ڪي 632 کي منسوخ ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه دوحه کان اسلام آباد ويندڙ اڏام پي ڪي 288 به منسوخ ڪئي وئي آهي.ملتان کان رياض جي اڏام پي ڪي 765 ۽ پي ڪي 766، دبئي کان دبئي جي اڏام پي ڪي 221 ۽ شارجه کان ملتان جي اڏام پي ڪي 294 منسوخ ڪئي وئي آهي.سيالڪوٽ کان شارجه ويندڙ اڏام پي ڪي 209 ۽ پي ڪي 210 کي منسوخ ڪيو ويو آهي.پشاور کان رياض جون اڏامون پي ڪي 727 ۽ پي ڪي 728، شارجه کان رياض جون اڏامون پي ڪي 257 ۽ پي ڪي 258، دبئي ۽ ابوظهبي کان پشاور جون اڏامون پي ڪي 217 ۽ پي ڪي 218 منسوخ ڪيون ويون آهن.پي ڪي 325، پي ڪي 326 اسلام آباد کان گوادر ۽ پي ڪي 322، پي ڪي 323 لاهور کان گوادر جڏهن ته ڪراچي کان گوادر تائين پي ڪي 310 ۽ 311 کي به منسوخ ڪيو ويو آهي.
