ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر امجد سراج ميمڻ خلاف ڪجهه عناصر لساني ۽ ٻين تعصبن تي ٻڌل من گهڙت خبرن جي مهم هلائي رهي آهي. اصل ۾ اهي عناصر مافيا جو حصو آهن جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وقار کي نقصان پهچائي رهيا آهن. اهي عناصر هن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي چونڊ دوران پنهنجي من پسند وائيس چانسلر کي آڻڻ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد امجد سراج ميمڻ ۽ جامعه جي خلاف پروپيگنڊا سميت مختلف مسئلا پيدا ڪرڻ جي سازش ۾ ملوث آهن. اهي عناصر ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ جا پيپر ليڪ ڪرڻ ۾ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ملوث ٿي سگهن ٿا. ياد رهي ته سنڌ حڪومت ميڊيڪل ڪاليجن جي انٽري ٽيسٽ جو پيپر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي اعليٰ سطحي طور جاچ مڪمل ڪري معاملي کي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايف آءِ اي معاملي جي جاچ ۾ مصروف آهي ۽ جلد ئي ملوث ڪردار سامهون اچي ويندا.
