ڪراچي/سکر (رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ احترامِ رمضان آرڊيننس تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مقدس مهيني رمضان المبارڪ جي شروعات کان اڳ پيٽرول جي قيمت ۾ پنج ۽ ڊيزل ست رپيا 32 پيسا واڌ ڪرڻ سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو۔ عوام اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ وڌندڙ يوٽيلٽي بلن سبب پريشان آهي، ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي عام ماڻهو جي ڪمر ٽوڙي ڇڏي آهي، اهڙي صورتحال ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو عوام تي ڪارپيٽ بمباري جي مترادف آهي۔ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ سان نه صرف ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌندا پر خوراڪ سميت روزمرهه استعمال جون سڀئي شيون مهانگيون ٿي وينديون۔ رمضان المبارڪ جهڙي بابرڪت مهيني کان اڳ قيمتن ۾ واڌ جو مطلب اهو آهي ته غريب ۽ وچولي طبقي کي سحري ۽ افطاري جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو۔ هن فيصلي کان پوءِ ناجائز منافع خور ۽ ذخيره اندوز وڌيڪ سرگرم ٿي ويندا ۽ مصنوعي کوٽ پيدا ڪري عوام جو استحصال ڪندا۔”بدلايو نظام کي، سنواريو سنڌ کي“ مهم سميت دعوت جي ابلاغ لاءِ ذميوارن کي گهرجي ته سوشل ميڊيا جا سمورا ٽولز بهتر انداز ۾ استعمال ڪن۔ اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ سوشل ميڊيا ميٽ اپ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو۔ ان موقعي تي صوبائي نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا حزب الله جکرو، امداد الله بجاراڻي ۽ سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڊجيٽل ميڊيا جا ذميوار پڻ شريڪ هئا۔صوبائي امير وڌيڪ چيو ته موجوده دور ۾ سوشل ميڊيا جي اهميت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي، اهو ٻه ڌاري تلوار جيان آهي۔ معاشري جي بگاڙ يا سڌاري ۽ ڪنهن به تنظيم جي دعوت، منشور ۽ مهمن کي هلائڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال انتهائي ضروري آهي۔ سوشل ميڊيا اهڙو پليٽ فارم آهي جيڪو ماڻهن کي جسماني طور موجود نه هئڻ باوجود رابطي جي سهولت ڏئي ٿو ۽ اڄ جي دنيا ۾ روزمرهه زندگي جو لازمي حصو بڻجي چڪو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته نام نهاد حڪمران ٽولي قومي ميڊيا تي پابندين ۽ پيڪا ايڪٽ جي نالي تي صحافت کي پنهنجي گهر جي لونڊي بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ماڻهو حقيقتن تائين پهچڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو سهارو وٺڻ تي مجبور آهن۔ تنهن هوندي به تحريڪ اسلامي سان وابسته ماڻهن کي گهرجي ته سوشل ميڊيا تي احتياط، قومي وقار ۽ زبان و بيان جو خاص خيال رکن۔#










