پيٽرول بحران جاري، پي آءِ اي جون وڌيڪ 27 اڏامون منسوخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي فيول سپلاءِ جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو، ايندھن جي محدود سپلاءِ سبب قومي ايئر لائن جون وڌيڪ 27 اڏامون منسوخ ڪيون ويون.ڪراچي کان لاهور، رحيم يار خان ۽ پشاور ويندڙ 7 ٻه طرفي اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن.پي آءِ اي جون ڪراچي کان ملتان، دبئي ۽ اسلام آباد جون 6 جڏهن ته ملتان کان جده ۽ القاسم کان ملتان جون 2 اڏامون به منسوخ ڪيون ويون آهن.لاهور کان شارجه، دبئي ۽ جده کان لاهور ويندڙ 4 اڏامون به منسوخ ڪيون ويون آهن.اسلام آباد کان دبئي، ابوظهبي، دمام، مدينه، جده ۽ ڪوئيٽا جون 7 اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن جڏهن ته دبئي کان پشاور ويندڙ اڏام به منسوخ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو