راڻيپور (ن س )راڻيپور ۾ پيرن جي حويليءَ مان هڪ پرڻيل ناري به گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،قمبر جي ڳوٺ ميڻا واسي ديدار گراماڻي ۽ سندس گهرواريءَ جو چوڻ آهي ته 2 سال اڳ اسان جي ڌيءُ ثنا جو مڙس سان جهيڙو ٿيو هو، جهيڙي کانپوءِ راڻيپور جي پير محسن شاهه وٽ نبيري لاءِ وياسين،ديدار گراماڻي موجب محسن شاهه اسان جي نياڻيءَ کي ترسائي ڪجهه ڏينهن اندر مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ڪجهه ڏينهن بعد حويلي وياسين ته چيو ويو ته ثنا هتان نڪري وئي آهي،ديدار گراماڻي موجب خدشو آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي يا گم ڪيو ويو آهي،ٻئي پاسي سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر راڻيپور جي حويلي مان پرڻيل ناري ثنا جي گمشدگي جو نوٽيس ورتو،نگران وڏي وزير ڪمشنر سکر کي واقعي جي جاچ ڪرائڻ ۽ ڊي آءِ جي سکر کي ناري بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي،نگران وڏي وزير چيو ته ٻڌايو پيو وڃي ته ناريءَ کي امانت طور حويلي ۾ رکيو ويو هو، ناري ثنا کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي
