پوليو جا ڦڙا جڏهن به پيش ڪيا وڃن قبول ڪريو: آصفه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شهيد بينظير ڀٽو جي ڌيءَ بي بي آصفه ڀٽو زرداري جو ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته پوليو جا ڦڙا جڏهن به پيش ڪيا وڃن قبول ڪريو،بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن توهان جو پنجن سالن کان گهٽ عمر وارو ٻار آهي يا توهان ڪنهن ٻار کي سڃاڻو ٿا ته ان کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا وڃن.2 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ قومي پوليو مهم ست ڏينهن جاري رهندي، پوليو خلاف قومي مهم دوران سنڌ جي سمورن 30 ضلعن ۾ پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا

پهنجو تبصرو موڪليو