اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پوليس امن امان خراب ٿيڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽن اسيمبلي ميمبرن کي حراست ۾ ورتو.پوليس موجب پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز عامر ڊوگر، زين قريشي ۽ معين رياض کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جا 3 اڳواڻ احتجاج ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد وڃي رهيا هئا، ٽنهي ايم اين ايز کي امن خراب ڪرڻ جي خدشي تحت حراست ۾ ورتو ويو آهي.










